راولپنڊي -12 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ ڏهين ۾ (اڄ) آچر تي واحد
ميچ لاهور قلندرز ۽ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾ کيڏي ويندي. پي سي بي جي
انتظام هيٺ پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري
آهي. آچر ڏينهن ليگ جي چوٿين ميچ ۾ لاهور قلندرز ۽ ڪوئٽا گليڊيئٽرز جون
ٽيمون راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ميچ رات جو 8
وڳي شروع ٿيندي. لاهور قلندرز جي ٽيم شاهين شاهه آفريدي جي قيادت ۾ ميدان
۾ لهندي جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊيئٽرز کي سعود شڪيل ليڊ ڪندو.