اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب پاڪستان مان 10 هزار اضافي حاجين کي حج جي اجازت ڏئي ڇڏي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جا 10 هزار اضافي پاڪستاني حاجين کي حج جي اجازت ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم چيو ته آئون پنهنجي ڀاءُ ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جو ٿورائتو آهيان جو هن 9 اپريل تي منهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هن سال اضافي 10 هزار پاڪستانين کي حج ڪرڻ جي خصوصي اجازت جو انتظام ڪيو. تفصيل موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ڪوششن سان سعودي عرب پاڪستان جي لاءِ وڌيڪ 10 هزار حاجين کي حج جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان رابطي کانپوءِ سعودي عرب 10 هزار اضافي پاڪستاني حاجين کي حج جي اجازت ڏني آهي. اها درخواست انهن شهرين جي لاءِ ڪئي وئي جيڪي حج جي مقرر آخري تاريخ گذري وڃڻ کانپوءِ رجسٽريشن نه ڪرائي سگهيا هئا. پاڪستان جي خصوصي درخواست سعودي عملدارن قبول ڪندي پاڪستان جي لاءِ حج ڪوٽا ۾ توسيع جي منظوري ڏني. اهو قدم ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن، گڏيل تعاون ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ سعودي عرب جي خصوصي ڌيان جو عملي اظهار آهي. ان قدم کانپوءِ وڌيڪ 10 هزار پاڪستاني شهري حج 2025ع جي سعادت حاصل ڪري سگهندا.