عمان / اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان – اردن ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور عمان ۾ ٿيو، پاڪستان پاران وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اردن جي وفد جي قيادت پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري جنرل ماجد ٽي القطرنح ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري وچ اوڀر ۾ استحڪام، امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اردن جي ڪوششن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان جي مضبوط عزم کي ساراهيو. هن فلسطين، شام ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي پناهگيرن جي ميزباني ۾ اردن جي ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري غزه ۾ تڪرار جي ڏس ۾ تازه ترين اسرائيلي ظلمن ۽ غزه ۾ فلسطيني ڀائرن جي خلاف اسرائيل جي غيرقانوني جنگ ٻيهر شروع ڪرڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي ڌرين اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سان گڏوگڏ عوامي رابطن تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو. ڳالهه ٻولهه دوران ڌرين پنهنجي خيالن جي هڪ جهڙائي سان گڏوگڏ گڏيل قومن ۽ ٻين گهڻ رخي فورمز ۾ ويجهي هم آهنگي کي ساراهيو. پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور پاڪستان ۾ گڏيل اتفاق سان تاريخن تي گهرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.