منسڪ – 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف ايوان آزادي، بيلاروس جي اڱڻ ۾ ٻوٽو هنيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.