منسڪ – 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي کي انتهائي مثبت قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽرينز جي مٽاسٽا ۽ پارلياماني رابطن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بيلاروس جي قومي اسيمبلي جي ڪائونسل آف ري پبلڪ جي چيئرپرسن نتاليه ڪوچانووا ۽ ايوان نمائندگان جي چيئرمين ايگور سرجينيڪو ملاقات ڪئي. ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ بيلاروس جي پارليامينٽ ميمبرن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پارلياماني رابطن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي انتهائي مثبت آهي. هن ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽرينز جي مٽاسٽا ۽ پارلياماني رابطن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.