اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وفاقي گھرو وزير محسن نقوي سان سلطنت عمان جي سفير فھد سليمان خلف الخروسي ملاقات ڪئي جنھن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم ۽ سيڪيورٽي سھڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گھرو وزير محسن نقوي جو چوڻ ھو ته پاڪستان عمان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتھائي اھميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ ڀائراڻا گڏيل تاريخي لاڳاپا عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آھن. ھن چيو ته ٽن لکن کان وڌيڪ پاڪستاني عمان جا رھواسي آھن ۽ عمان جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رھيا آھن، ڪوشش آھي ته وڌ کان وڌ ھنر مند ماڻھن کي عمان موڪليو وڃي. عمان جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ عمان جا ڀائراڻا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏھاڪان تي ٻڌل آھن. عمان جي سفير عمان جي تعمير ۽ ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.