سيول-11 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني کي متفقه طور بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جو باني چيئرمين چونڊيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب عالمي پارلياماني سفارتڪاريءَ جي هڪ تاريخي ۽ انقلابي قدمن طور تي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي شروعات ڏکڻ ڪوريا جي گاديءَ واري هنڌ سيول ۾ ٿيو. افتتاحي اجلاس ۾ سڄي دنيا مان سينيئر پارلياماني اڳواڻن، اسپيڪرز ۽ چيئرپرسنز شرڪت ڪئي جيڪو جمهوري قدرن، گڏيل تعاون ۽ عالمي ترقيءَ لاءِ پنهنجي گڏيل وابستگيءَ جي علامت آهي. ان ڪانفرنس جو سڀ کان اهم ۽ فخر جوڳو پاسو اهو آهي ته جو سيينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني کي متفقه طور آءِ ايس سي جو باني چيئرمين چونڊيو ويو ۽ ان جي قائداڻي صلاحيتن، بين الاقوامي لاڳاپن ۾ تجربي ۽ جمهوري اصولن سان گهري وابستگيءَ کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ۾ سينيٽ چيئرمين ان اعزاز تي دلي ٿورو مڃيندي ان بين الاقوامي پليٽ فارم کي عالمي پارلياماني رابطن کي مضبوط ڪرڻ جو هڪ تاريخي سنگ ميل قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين چيو ته هي پليٽ فارم نه صرف بين الاقوامي پارلياماني سفارتڪاري جي هڪ نئين باب جي شروعات آهي پر عالمي هم آهنگي، گڏيل خوشحالي ۽ پائيدار امن طرف اسان جي اجتماعي ڪردار کي نئين سر طئي ڪرڻ جو هڪ تاريخي موقعو پڻ آهي. سينيٽ چيئرمين عالمي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بين الاقوامي پارلياماني قيادت کي مربوط ۽ بامقصد قدمن تي زور ڀريو. جن ۾ ماحولياتي تبديلي، پاڻيءَ جي کوٽ، توانائيءَ جي متبادل ذريعن، معاشي ناهمواري ۽ تڪرارن جو پُرامن حل شامل آهن. سينيٽ چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ ٺوس تجويزون پيش ڪيون جن ۾ آبادي، پائيداري ۽ وسيلن جي برابريءَ جي بنياد تي ورڇ تي ٻَڌل خصوصي ٽاسڪ فورسز جو قيام، شفافيت، تعاون ۽ مؤثر حڪمرانيءَ لاءِ پارلياماني تربيت جي عالمي نيٽ ورڪس جي توسيع، گڏيل قومن، مالياتي ادارن ۽ ترقياتي ڀائيوارن سان حڪمت عملي تي ٻَڌل سهڪار، ڊائلاگ ۽ تڪرارن جي حل لاءِ پارلياماني فريم ورڪس جي جوڙجڪ ۽ پائيدار طرزِ حڪمراني کي ميمبر ملڪن جي پارليامانن ۾ هڪ رهنما اصول طور اختيار ڪرڻ جي تحريڪ شامل آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس محض پارلياماني اجتماع نه پر هي اسان جي گڏيل خواهش جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي ته اسان افهام ۽ تفهيم سان اڳتي وڌنداسين، انساني وقار کي بلند ڪنداسين ۽ عالمي ترقيءَ لاءِ هڪ گڏيل رستو طئي ڪريون. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي هڪ پُروقار ايوارڊز جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي 45 باني اسپيڪرز ميمبرن کي خصوصي اعزاز سان نوازيو. اهي اعزاز انهن اڳواڻن جي خدمتن، جمهوري استحڪام، پارلياماني تعاون ۽ عالمي يڪجهتيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ انهن جي غير معمولي جي ڪردار جي اعتراف ۾ پيش ڪيا ويا. هي تقريب بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي ان بنيادي روح جي عڪاسي هئي جيڪا عالمي سفارتڪاريءَ کي انسانيت جي خدمت، پائيدار ترقي ۽ دنيا لاءِ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وقف ڪرڻ چاهي ٿي. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي چيئرمين طور متفقه چونڊ پاڪستان کي عالمي سفارتي منظرنامي تي هڪ قابل فخر مقام عطا ڪيو آهي. اهو قدم نه صرف ملڪ جي جمهوري ساک کي مستحڪم ڪري پر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي تعميري ۽ قائداڻي ڪردار کي به اجاگر ڪري ٿو.