اسلام آباد-11 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪرڻ تي ڪم جاري آهي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ پروگرام جوڙيو ويو آهي. ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته پگهاردار طبقي جي رليف جا تفصيل آءِ ايم ايف وٽ کڻي وينداسين، بجيٽ سازي لاءِ سرڪاري ۽ نجي ٻنهي شعبن کان 98 سيڪڙو تجويزون مليون آهن، بجيٽ تجويزن تي حڪومت ۽ نجي شعبو گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ تجويزن ۾ جن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو ان جا سبب لاڳاپيل شعبي کي ٻڌايا ويندا. بجيٽ کي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ ڪيترن ئي حصيدارن کي ٻڌايو ويندو ته ڪهڙين تجويزن تي عملدرآمد ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پهرين جولاءِ کانپوءِ بجيٽ ۾ ڪا به تبديلي نه ٿيندي، اسان جو مقصد بجيٽ تي عملدرآمد لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ آهي. آءِ ايم ايف بابت معاملن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ مئي ۾ اسٽاف سطح جي معاهدي جي منطوري ڏيندو. پاڪستان آءِ ايم ايف طرفان ڏنل سمورا هدف پورا ڪري ورتا آهن. هن چيو ته واپارين کان ٽيڪس وصولي بهتر ٿي آهي، واپار دوست اسڪيم کي واپارين کان ٽيڪس وصولي سان جوڙيو وڃي، ٽيڪس پاليسي شعبو ان ڪلينڊر سال ۾ ناڻي واري وزارت جي ماتحت ڪم شروع ڪندو، هن چيو ته حڪومت ٽيڪس جي نظام کي آسان ۽ شفاف بڻائي رهي آهي، ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهيون، ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ اهڙو فارم جوڙي رهيا آهيون جيڪو هر ماڻهو پاڻ ڀري سگهندو.