اسلام آباد-11 اپريل (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ سان وفاقي جمهوريه جرمني جي سفير الفريڊگراناس ملاقات ڪئي. انساني حقن واري وزارت طرفان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ جرمني جي پراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جرمني سان پنهنجن پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن انساني حقن جي حوالي سان کنيل قدمن بابت سفير کي آگاهه ڪيو، ملاقات ۾ جرمني ۽ پاڪستان جي حوالي سان مجموعي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.