اسلام آباد-11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان جي هدايتن جي روشني ۾ پاڪستان ريلوي کي جديد، منافعي بخش، پائيدار ۽ عوام دوست ادارو بڻائڻ لاءِ ريلوي واري وزارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ريلوي کي جديد ڪرڻ لاءِ اسٽريٽجڪ روڊ ميپ تي تفيصلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ريلوي کي هڪ موثر ۽ واپاري لحاظ کان فعال ادارو بڻائڻ لاءِ پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ ماڊل کي هٿي ڏني ويندي. ان ماڊل ذريعي نجي شعبي جي حصيداري سان ريلوي ۾ سيڙپڪاري، واپاري ترقي ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري کي ممڪن بڻايو ويندو. وزيراعظم جي خاص هدايت تي سڄي ملڪ جي ريلوي اسٽيشنن کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ جو جامع منصوبو به غور هيٺ آيو جنهن جو مقصد عوام کي عالمي معيار جون سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ريلوي اسٽيشنن کي ڪمرشل حب ۾ تبديل ڪندي صفائي، سيڪيورٽي، ٽيڪنالاجي ۽ سهولت کي اپ گريڊ ڪيو ويندو ته جيئن پاڪستان ريلوي عوام جي پهرين ترجيح بڻجي. وفاقي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ريلوي جي بحالي صرف هڪ اداري جي ترقي نه پر هي قومي معيشت جي مضبوطي جو رستو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورا منصوبا عوامي مفادن ۽ شفافيت جي اصولن تي ٻڌل هوندا ۽ وزيراعظم پاڪستان جي ويزن موجب مڪمل ڪيا ويندا.