اسلام آباد-11 اپريل (اي پي پي)گهرومعاملن واري وفاقي وزير لوئر دير جي علائقي تيمر گرهه ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير آپريشن ۾ گهربل خوارجي حفيظ الله سميت ٻن دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري خوارجين جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آهي. انتهائي گهربل خوارجي سميت ٻن دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيت تي قوم کي ناز آهي. امن جي قيام لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. خوارجي دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.