راولپنڊي-11 اپريل (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي ضلعي لوئر دير ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران ٻن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويلن ۾ گهربل خارجي حفيظ الله به شامل آهي. خارجي حفيظ الله عرف ڪوچوان سيڪيورٽي فورسز سميت معصوم شهرين خلاف دهشتگرداڻين ڪاررواين ۾ ملوث هو. مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو، حڪومت خارجي حفيظ الله جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ روپيا مقرر ڪئي هئي.