اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکرن جاري ڪيا آهن. انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي آمد 31 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 25 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 29 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 29 هزار ڪيوسڪ، خيبر آباد پل تي پاڻي جي آمد 60 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 60 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 32 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 18 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 11 هزار 900 ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1412.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.114 ملين ايڪڙ فوٽ. منگلا ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1100.30 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.362 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 644.10 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.115 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.