گڏيل قومون-11 اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو آهي ته شام ۾ اسرائيل جا تازا فضائي حملا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن ۽ ان سان شام جي سياسي استحڪام ۽ قومي مفاهمت جي ڪوششن کي به نقصان پهتو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد شام جي صورتحال تي بريفنگ دوران سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته اسان شام ۾ انتهائي پريشاني واري صورتحال ڏسي رهيا آهيون، جتي اسرائيل طرفان مسلسل ۽ هروڀرو فوجي جارحيت 1974ع جي عليحدگي جي معاهدي جون بار بار ڀڃڪڙيون، علائقي ۾ غير قانوني فوجي موجودگي ۽ اڻ ڄاتل مدي تائين قبضي جا سري عام اعلان ڪيا ويا آهن. هن شام ۾ ڪيترن ئي هنڌن سميت شهري انفرا اسٽرڪچر ۽ شهري مرڪزن تي اسرائيل جي وڌندڙ حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انهن فوجي ڪاررواين سان شهري فوت ٿيا آهن ۽ اهو علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ شديد خطرو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته سلامتي ڪائونسل غير قانوني فوجي ڪاررواين کي خطرناڪ مثال قائم ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهي، هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندي چيو ته گذريل مهيني سلامتي ڪائونسل پاڻ شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي توثيق ڪئي ۽ انهن اصولن کي برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو پر اسرائيل جا قدم ان اتفاق راءِ جي سڌي ريت خلاف ورزي آهي ان لاءِ ان فيصلائيتي طريقي سان ڪم ڪرڻ ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان اسرائيلي ڪاررواين جي وسيع تر علائقائي نقصانن جي باري ۾ هڪجهڙي طور تي فڪرمند آهي، هن خبردار ڪيو ته مسلسل ڇڪتاڻ ۾ اضافو وڌندڙ تڪرار کي ڀڙڪائڻ جو خطرو آهي، اهڙي وقت ۾ جڏهن سفارتڪاري، ڇڪتان ۾ گهٽتائي ۽ نئين سر تعمير کي ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه کي خاص طور تي اجاگر ڪيو ته شام جي علائقي گولان تي اسرائيل جو قبضو غير قانوني ۽ ڪالعدم آهي، سلامتي ڪائونسل کي اسرائيل کان والاريل گولان جي جبلن تان مڪمل نڪري وڃڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي، هن شام جي قيادت ۾، شام جي ملڪيت واري سياسي عمل لاءِ پاڪستان جي اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جيڪو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن 2254 ۾ موجود اصولن تي ٻڌل آهي، هن چيو ته شام ۾ پائيدار امن جو دارومدار هڪ جامع سياسي منتقلي، قومي اتحاد ۽ مفاهمت تي آهي. هن خبردار ڪيو ته تازي اڳڀرائي سميت هڪ عبوري حڪومت جي جوڙجڪ، عبوري آئين جي منظوري ۽ سول ۽ ملٽري ادارن جو انضمام پرڏيهي فوجي مداخلت سان پٽڙي تان نه لهڻ گهرجي. هن اسرائيلي حملن جي انسانيت لڄائيندڙ نتيجن کي تباهي پکيڙيندڙ قرار ڏنو ۽ سلامتي ڪائونسل کي ياد ڏياريو ته 16 ملين کان وڌيڪ ماڻهو اڳ ۾ ئي ضرورتمند آهن. شهري علائقن ۽ بنيادي ڍانچي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ بحران کي وڌيڪ وڌائي ٿو ۽ عالمي انساني قانونن جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو.