گڏيل قومون-11 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته غريب ترين ملڪ جن جو آمريڪا جي واپار تي اثر نه هجڻ جي برابر آهي، انهن کي نئين آمريڪي محصولن کان ڇوٽ هجڻ گهرجي. اها ڳالهه گڏيل قومن جي مستقل بين الحڪومتي اداري يونائيٽيڊ نيشنز ڪانفرنس آن ٽريڊ ڊولپمينٽ (يو اين سي ٽي اي ڊي) جي سيڪريٽري جنرل ريبيڪا گرائنسپين هڪ انٽرويو دوران چئي. هن چيو ته غريب ترين ملڪ جن جو آمريڪا جي واپار تي اثر نه هجڻ جي برابر آهي، انهن کي نئين آمريڪي محصولن کان ڇوٽ هجڻ گهرجي، هن جو چوڻ هو ته 44 سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪ آمريڪا جي واپاري خساري ۾ 2 سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهن ٿا ۽ هي وڌيڪ ٽيرف انهن جي موجوده قرضن جي بحران کي وڌيڪ سنگين ڪندو. هن چيو ته جڏهن ٻه اهم عالمي معيشتون محصول لاڳو ڪنديون آهن، ته ان جو اثر ٽيرف جنگ ۾ مصروف معيشتن سان گڏوگڏ سڀني تي پوندو. هن چيو ته اسان پهرين ئي گهٽ اوسر واري شرح ۽ وڌيڪ قرضن جي صورتحال جي ور چڙهيل آهيون ۽ اسان کي خدشو آهي ته عالمي معيشت سست روي جو شڪار ٿي ويندي ۽ انهن ملڪن سان ڇا ٿي سگهي ٿو جيڪي وڌيڪ ڪمزور آهن، جهڙوڪ گهٽ ترقي يافته ملڪ ۽ ننڍن ٻيٽن جون اسرندڙ رياستون، هن چيو ته سڀني کان اهم نقطو غير يقيني واري صورتحال جو مسئلو آهي جيڪڏهن اسان کي حتمي پوزيشن جو علم ٿي وڃي ته اسان ايڊجسٽ ڪنداسين، اسان وٽ حڪمت عملي هوندي ۽ اسان ڏسي سگهون ٿا ته جيڪي فيصلا ڪيا پيا وڃن انهن سان ڪيئن رهڻو آهي پر جيڪڏهن اسان وٽ غير يقيني ڊگهي مدي واري آهي، جتي حالتون هر وقت تبديل ٿينديون رهن ٿيون، هي نقصانڪار آهي ڇاڪاڻ ته اسان نٿا ڄاڻون ته ڇا ڪرڻو آهي، هن چيو ته اسان جو پهريون مطالبو عقلي فيصلو ڪرڻ لاءِ آهي، ان لاءِ اسان منصوبابندي، حڪمت عملي ۽ تبديلي لاءِ موافقت ڪري سگهون ٿا پر اسان اڃان تائين اهو نٿا ڄاڻون ته ان تبديلي ۾ ڇا شامل هوندو.