بيجنگ – 11 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لاڳو محصول جي جواب ۾ چين چيو آھي ته ھو ھالي ووڊ جي فلمن جي آمدني تي فوري پابندي لاڳو ڪري رھيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ماھرن جو چوڻ ھو ته چين ۾ ھالي ووڊ باڪس آفيس تي منافعي ۾ تازو ڪجھه سالن ۾ گھٽتائي آئي آھي، ان پابندي سان مالي اثر محدود ٿيندا. بيجنگ نيشنل فلم ايڊمنسٽريشن (اين ايف اي) جو چوڻ آھي ته ٽرمپ جي ٽيرف سان چين ۾ آمريڪي سينما جي گھرج وڌيڪ متاثر ٿيندي. اين ايف اي پنھنجي ويب سائيٽ تي چيو ته اسان مارڪيٽ جي قاعدن ۽ ضابطن مطابق ھلنداسين، ناظرين جي خواھشن جو احترام ڪنداسين ۽ ڪجھه حد تائين آمريڪي فلمن جي آمدني کي گھٽ ڪنداسين. ڪجھه سال اڳ تائين ھالي ووڊ پنھنجي فلمن کي بھتر ڪارڪردگي لاءِ چين تي ڀاڙي ٿو جيڪا اصل ۾ دنيا جي ٻئين وڏي فلمن جي مارڪيٽ آھي. تنھن ھوندي چين ۾ مقامي طور ٺھندڙ فلمن جي پذيرائي کانپوءِ ھالي ووڊ جي ضرورت گھٽ ٿي آھي. ٽيرف جي ھن جنگ ۾ في الحال اھو واضح ناھي ته ايندڙ ڪجھه مھينن ۾ ريليز ٿيندڙ ھالي ووڊ فلمون چيني سينما ۾ ڏسڻ جي اجازت ھوندي يا نه. انھن فلمن ۾ مشن امپاسيبل جي سيريز دا فائنل ريڪننگ به شامل آھي جنھن ۾ امڪاني طور ٽام ڪروز سندس آخري ڪردار ۾ نظر ايندو. معيشت تي نظر رکندڙ آمريڪي ادارو ايس اينڊ پي گلوبل مارڪيٽ ۾ ماھر سيٿ شافر جي خيال ۾ چين جي پابندين جا انتھائي محدود اثرن پوندا.