منسڪ – 11 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيلاروس جي دوري کي انتهائي اهم ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي اڀرندڙ معيشت جي طور تي سامهون اچي رهيو آهي، گذريل هڪ سال دوران پاڪستان عالمي سطح تي اڪيلائپ مان نڪري فعال پرڏيهي پاليسي طرف قدم وڌايو، عالمي سيڙپڪار پاڪستان اچي مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، مختلف ملڪن سان پاڪستان جا معاهدا عملي شڪل اختيار ڪري ويا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيلاروس جي دوري دوران زرعي مشينري، دفاع، دفاعي پيداوار ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيلاروس جي دوري جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو بيلاروس جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان جي دوري دوران ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو هو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيلاروس جي دوري دوران زرعي مشينري، دفاع، دفاعي پيداوار ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون، پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته بيلاروس جي صدر جو مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف سان ذاتي ۽ پراڻو تعلق آهي، محمد نواز شريف کي خاص مهمان طور غيررسمي آجياڻي ۾ گهرايو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو بيلاروس جو دورو انتهائي اهم آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي ثابت ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۽ گذريل هڪ سال دوران پاڪستان عالمي سطح تي اڪيلائپ مان نڪري فعال پرڏيهي پاليسي طرف قدم وڌايو، ڪيترن ئي عالمي سربراهن پاڪستان جا دورا ڪيا، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهه اجلاس جي ميزباني ڪئي، مختلف ملڪن سان پاڪستان جا معاهدا ٿيا جيڪي عملي شڪل اختيار ڪري ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ سڄي دنيا مان 300 کان وڌيڪ ماهرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي، ٻاهرئين ملڪن مان سيڙپڪار پاڪستان اچي مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بزنس فورمز منعقد ڪرڻ سان ملڪي معيشت کي استحڪام ملي رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان عالمي سطح تي اڀرندڙ معيشت جي طور تي سامهون اچي رهيو آهي.