منسڪ – 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيلاروس جي ايوان آزادي اچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايوان آزادي اچڻ تي باضابطا آجياڻي واري تقريب ٿي. بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو.

ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو. آجياڻي واري تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. بيلاروس جي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ۽ سلامي ڏني. وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي وفد جي ميمبرن جو بيلاروس جي صدر سان تعارف ڪرايو جڏهن ته بيلاروس جي صدر پڻ پنهنجي حڪومتي ميمبرن جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو.