منسڪ – 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لوئر دير ۾ انتهائي گهربل خارجي سميت 2 خارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي.