اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ڪالهه اربع ڏينهن سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ موجود ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.