اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سوئٽزرلينڊ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر مرغوب سليم بٽ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي نائب وزيراعظم نامزد سفير کي ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏني. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي قدمن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.