لاهور-09 اپريل (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان ريلوي جي نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ وسيع پيماني تي قدم کڻي رهيا آهيون، جن ۾ ريلوي جي مختلف شعبن کي آئوٽ سروس ڪرڻ، بنيادي ڍانچي کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ مسافرن کي سفر جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ شامل آهن. اهڙو اظهار هن ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي هڪ نئين فريٽ ٽرين جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. تقريب ۾ سي اي او ريلوي عامر عزيز بلوچ، ڊي ايس ريلوي محمد حنيف گل ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي ۾ فريٽ ۽ پيسينجر ريلن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ان کي مرحليوار آئوٽ سروس ڪيو پيو وڃي. هن ٻُڌايو ته هن وقت 320 نيون ويگنون تيار ٿي چڪيون آهن ۽ باقي ويگنن جي تياري 31 آگسٽ کان اڳ مڪمل ڪئي ويندي، ان کان علاوه ايندڙ سال دوران فريٽ ٽرينن جو انگ ٻيڻو ڪيو ويندو ته جيئن سڄي ملڪ ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي ڏئي سگهجي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته پيسينجر ٽرينن جو روينيو لڳاتار وڌي رهيو آهي جيڪو اداري جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتريءَ جو چِٽو ثبوت آهي. هن پُراعتماد انداز ۾ چيو ته 30 جون کان اڳ سمورا مقرر هدف حاصل ڪيا ويندا، ريلوي جي زمينن تي قبضو ڪندڙن خلاف عملدرآمد شروع ڪيو ويندو، ان پلان تحت ريلوي جي سمورين زمينن کي پنجاب ماڊل جي طرز تي پروگرام ڪيا ويندا ته جيئن اداري کي مالي طور تي مستحڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته 2016ع کان التوا هيٺ منصوبا جيڪي لاهور ۽ راولپنڊي ريلوي اسٽيشنن جي بهتريءَ لاءِ آهن اهي فعال ڪيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ريلوي جي تعليمي ۽ صحت جي شعبن ۾ به تبديليون متعارف ڪرايون وينديون، ريلوي تحت هلندڙ 14 اسڪولن کي آئوٽ سروس ڪيو پيو وڃي ته جيئن تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي جڏهن ته 8 ريلوي اسپتالن لاءِ سيڙپڪارن جي دلچسپي حاصل ڪرڻ جي غرض سان روڊ شوز جو بندوبست ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ڪيو ته 8 کان 9 پيسينجر ٽرينن ۽ سمورن فريٽ ٽرينن کي به آئوٽ سورس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن آپريشنل سگهه ۾ واڌ ٿئي ۽ اداري تي واڌو بار گهٽ ٿئي. هن چيو ته آئوٽ سورسنگ جي عمل ۽ ٻين قدمن ذريعي ريلوي ۾ ڏيڍ ارب رپيا جڏهن ته اسپتالن جي شعبي ۾ هڪ ارب رپين جي بچت ڪئي ويندي. ملڪي سلامتي تي ڳالهائيندي هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي ۽ دهشتگردن سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ڪيون وينديون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ويزا کانسواءِ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ وارن ماڻهن کي ملڪ مان نيڪالي ڏني ويندي ته جيئن رياستي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان جي پهرين ترجيح ايندڙ نسلن کي هڪ محفوظ، خوشحال ۽ پُرامن پاڪستان ڏيڻ آهي. هن چيو ته ملڪي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي مجسمن کي نقصان پهچائڻ هڪ قومي ڏوهه آهي جنهن تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. معاشي پاليسين تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ملڪ جا معاشي اهڃاڻ بهتريءَ طرف گامزن آهن ۽ هلندڙ سال بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي جيڪا حڪومت جي ڪوشش آهي ته ايندڙ سالن ۾ بجليءَ جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي آندي وڃي ته جيئن عوام کي رليف ڏئي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پرڏيهي پاليسي جي ميدان ۾ به هاڪاري اڳڀرائي جاري آهي ۽ وزيراعظم جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان پناهگيرن کي اسلامي ڀائيچاري تحت ڀليڪار ڪيو ويو هو جڏهن ته جيڪي پناهگير ملڪي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندا کين پاڪستان ڇڏڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ سمورا ادارا پُرعزم آهن.