اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) ٻن ڏينهن وارو پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2025ع ڪاميابيءَ سان پڄاڻيءَ تي پهتو. فورم ۾ اٽڪل 300 پرڏيهي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد پاڪستان جي معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ کي وڌائڻ ۽ ڊگهي مُدي واري اقتصادي ترقيءَ ۾ معاونت فراهم ڪرڻ هو. فورم ۾ سعودي عرب، چين، آمريڪا، ڪئنيڊا، آذربائيجان، ازبڪستان، قازقستان، ترڪمانستان، جمهوريه چيڪ، فن لينڊ، برطانيه، انڊونيشيا ۽ ڊئنمارڪ جي نمائندن شرڪت ڪئي. او جي ڊي سي ايل جي، ايم ڊي ۽ سي اي او احمد حيات لڪ پنهنجي پڄاڻيءَ وارن جملن ۾ پاڪستان طرفان معدنيات جي شعبي ۾ ڀائيواري ۽ اسٽريٽجڪ سيڙپڪاريءَ ذريعي پنهنجي مستقبل ۾ نئين شڪل ڏيڻ جي ڪوششن تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته اسان عالمي ادارن جي آجيان ڪريون ٿا ته هو پنهنجي مهارت سان پاڪستان کي متعارف ڪرائين، سيڙپڪاريءَ جا موقعن ڳولين ۽ وسيلن جي وسيع صلاحيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ترقيءَ ۾ اسان سان ڀائيواري ڪن. هن چيو ته منرل انويسٽمينٽ فورم جو منعقد ٿيڻ پاڪستان لاءِ تمام اهميت رکي ٿو. پبلڪ پرائيويٽ سيڪٽر جي الحاق سان کاڻيون کوٽڻ جي شعبي کي ترقي ملندي، پاڪستان نه صرف معدنيات سان مالامال آهي پر پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ به تيار آهي. هن پاڪستان منرل انويسٽمنٽ فورم کي پاڪستان ۾ ذميواراڻي، پائيدار ۽ جامع کاڻيون کوٽڻ لاءِ هڪ نئين باب جي شروعات قرار ڏنو. هن عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ مهارت لاءِ شفاف، محفوظ ۽ مددگار ماحول طور تي ڏسڻ جي دعوت ڏني. هن کاڻيون کوٽڻ ۾ مقامي صلاحيت کي وڌائڻ، نوجوانن ۽ تعليمي ادارن کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريندي چيو ته هو هڪ با مقصد ۽ منافعي بخش کاڻيون کوٽڻ جي صنعت تيار ڪن. هن آرگنائزنگ ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اهم شراڪتدارن ايس آءِ ايف سي، توانائي وزارت، پاڪستان حڪومت، پاڪستان پئٽروليم لميٽڊ، ماڙي پئٽروليم ڪمپني لميٽڊ ۽ ٻين جي تعاون جي تعريف ڪئي ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ايندڙ سال واپس اچڻ جي دعوت ڏني ته جيئن ان شعبي ۾ اڳڀرائي کي وڌيڪ وڌائي سگهجي. ان کان اڳ پڄاڻي واري سيشن ۾ ريڪوڊڪ مائننگ ڪمپني جي معدني وسيلن جي مئنيجر رسل هاورڊ اوون ريڪوڊڪ پراجيڪٽ جي تازي فزيبلٽي اسٽڊي ۽ دنيا جي وڏين ٽامي ۽ سون جا کاڻين جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو. بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ واقع اهو پراجيڪٽ بيرڪ گولڊ، بلوچستان حڪومت ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ گڏيل منصوبو آهي. هن ٻڌايو ته جديد ٽيڪنڪ جيئن ايمبيئنٽ نوائس ٽوموگرافي ۽ سيٽلائيٽ اميجنگ کي خطي ۾ پهريون ڀيرو مستقبل ۾ وڌيڪ دريافتن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. ويسٽرن پورفيري زون ۾ ڌات جو 95 سيڪڙو حصو آهي جنهن ۾ 4.5 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 840 ميٽر اونهو هڪ اوپن پٽ آپريشن هوندو. واٽر سورسنگ بابت هن چيو ته اهو منصوبو 70 ڪلوميٽر پري واقع لوڻياٺي پاڻي کي استعمال ڪندو. ان موقعي تي ريڪوڊڪ جي انجنيئرنگ مئنيجر ڊينئل نيل چيو ته پلانٽ جو ڊزائن ڪارڪردگي ۽ پائيداري جي جديد معيارن تي پورو لهي ٿو. هن چيو ته هاءِ پريشر گرائنڊنگ رولز ٽيڪنالاجي کي توانائيءَ جي استعمال ۽ نيڪال کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي. منصوبي جي ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ريل رابطو پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. پاڪتان ۾ مين لائن ايم ايل 3 ذريعي سائيٽ کي پورٽ قاسم لاءِ هڪ سستو رستو فراهم ڪيو ويو آهي، جتان ٽامي جا ڪنسنٽريٽ، بند ڪنٽينرز ۾ پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽرمينل کي روانگي واپار لاءِ اُماڻيو ويندو. هن انا ڳالهه تي زور ڀريو ته پراجيڪٽ جي ڊزائن کي هر حصي ۾ آپريشنل شتيمن جي امڪاني خطرن جي سُڃاڻپ ۽ ان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فعال طور تي تي ڪم ڪيو آهي. پروجيڪٽ هاڻ فزيبلٽي اسٽڊي جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ۾ تفصيلي انجنيئرنگ ۽ شروعاتي خريداري جاري آهي. فورم ۾ ڪيترن ئي اعليٰ سطحي پينل مباحثن جو بندوبست پڻ ڪيو ويو. هڪ پينل ۾ تعليمي ادارن ۽ صنعت وچ ۾ مضبوط تعاون ذريعي هڪ هنرمند افرادي قوت جي تعمير تي ڌيان ڏنو ويو. بحث ۾ ووڊ ميڪنزي جي عامر ملڪ ۽ بيرڪ گولڊ، نيوٽيڪ، بيوٽمس ۽ گڪي جا نمائندا شامل هئا. هڪ ٻئي پينل معدنيات جي عالمي گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ فنانسنگ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان جي نگراني بلومبرگ جي فصيح منگي ڪئي ۽ ان ۾ آءِ ايف سي ۽ اي ڊي بي ۽ پاڪستان حڪومت جا ماهر شامل هئا. ٽئين پينل ذميواري کاڻيون کوٽڻ، پائيداري ۽ آبهوا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. فورم جي پهرئين ڏينهن جيولاجيڪل سروي آف پاڪستان معدنيات جي ڳولا، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عالمي ڀائيوارن سان مفاهمت جي ڪيترن ئي يادداشتن تي صحيح ڪئي.