لاهور-09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف سان توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نواز شريف بجليءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ تي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي محمد نواز شريف چيو ته مسلم ليگ (ن) عوام جي رليف ۽ ملڪ جي خدمت کي هميشه مٿانهون رکيو آهي. اهائي اسان جي روايت ۽ سياست آهي، عوام جي آساني منهنجي دل جو سڪون آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ هجڻ باوجود بجليءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آسان ڪم نه هو، ان عظيم ڪارنامي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس سڄي ٽيم مبارڪن جي مستحق آهي. الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته عوام سان ڪيل وعدا پورا ٿي رهيا آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته توهان جي رهنمائي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ٽيم کي ڪامياب ڪيو. وفاقي وزير پارٽي قائد کي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن، اوپن مارڪيٽ جي قيام سان بجلي وڌيڪ سستي ڪرڻ، بجلي چوري ۽ گردشي قرض کان مستقل نجات تي قدمن بابت آگاهه ڪيو.