اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان اڪنامڪ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل اسد مجيد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اي سي او جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان کي يورپي يونين جي مختلف زرعي پروگرمن ۾ شموليت جي دعوت ڏني. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ زراعت جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته حڪومت پاران معياري ٻج جي تياري پهرين ترجيح آهي ته جيئن فصل جي پيداوار ۾ اضافو ۽ آبادگار خوشحال ٿئي. هن چيو ته زراعت جي ترقيءَ لاءِ پاڪستان جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ايروپانڪس ٽيڪنالاجي ذريعي پٽاٽي جي پيداوار ۾ نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. وفاقي وزير چيو ته فوڊ سيڪيورٽي هڪ عالمي مسئلو آهي پر پاڪستان ان چئلينج تي ضابطو آڻڻ لاءِ پُرعزم آهي.