اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي)پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته صنعتي پورهيتن کي سستي رهائش ۽ معياري انفرااسٽرڪچر جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن ورڪرز ويلفيئر فنڊ پاران تعمير ڪيل ليبر ڪامپليڪس ۾ بجلي فراهمي واري منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب چوڌري سالڪ حسين چيو ته ان قسم جي منصوبن سان صنعتي پورهيتن کي معياري سهولتن سان گڏوگڏ بهترين ماحول پڻ ملندو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت صنعتي ڪارڪنن جي ڀلائي وارن منصوبن کي اڳيان وڌائيندي ۽ انهن جي بهتري لاءِ سمورن حڪومتي وسيلن جو استعمال ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته مستحق پورهيتن ۽ ڪارڪنن کي تعمير ٿيل گهر ۽ اپارٽمينٽ جو جلد قبضو ڏنو وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ليبر ڪامپليڪس فيز 2 جو پڻ جلد کان جلد افتتاح ڪيو ويندو ته جيئن وڌيڪ صنعتي ڪارڪن رهائش واري سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهن. ان موقعي تي ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي سيڪريٽري وفاقي وزير کي منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ويلفيئر فنڊ صنعتي ڪارڪنن ۽ حڪومتي پاليسين کي نظر ۾ رکندي سمورن بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو.