اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان تعليمي ۽ سائنسي رابطن، تحقيق،ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي سان قازقستان جي سفير گذريل ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رخن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته ڄاڻايل شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي پڻ زور ڀريو ويو. ان موقعي تي قازقستان جي سفير چيو ته قازقستان جلد ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان، انڊيا (تاپي) گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ پنهنجي شامل ٿيڻ جو باقاعده اعلان ڪندو. جنهن سان خطي ۾ توانائي جي شعبي ۾ شراڪت ۽ اقتصادي سهڪار جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ جلد ئي تعليمي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون. قازقستان جي سفير نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي اسلام آباد ۾ تحقيقي مرڪز قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. جڏهن ته ٻنهي ملڪن پاران ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ، اسمگلنگ خلاف گڏيل قدم کڻڻ ۽ تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.