اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان(ايس اي سي پي) چيو آهي ته غير مجاز آن لائن ٽريڊنگ ۽ سيڙپڪاري پليٽ فارمز جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جيڪي عوام کي وڌيڪ منافعي جي ڪوڙن واعدن ذريعي پاڻ ڏانهن راغب ڪن ٿا. اربع ڏينهن ايس اي سي پي طرفان جاري ڪيل تنبيهه ۾ چيو ويو آهي ته اهي پليٽ فارمز غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ ريگوليٽري منظوري کان سواءِ فارين ايڪسچينج (فاريڪس)، سيڪيورٽيز، ڪموڊٽيز جي مختلف آپشنز ۽ ٻين آن لائن بزنسز جي ٽريڊنگ جي سهولت فراهم ڪن ٿا. اهي ادارا پرڏيهي ملڪ ۾ قائم هوندا آهن ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن به ريگوليٽري اداري کان لائسنس يافته ناهن هوندا يا انهن جي نگراني کانسواءِ ڪم ڪندا آهن. اهڙن پليٽ فارمن سان سيڙپڪاري ڪندڙ ماڻهن کي سنگين خطرا درپيش هوندا آهن، جن ۾ دوکو، رقم جي خردبرد ٿيڻ ۽ مڪمل سرمايو ضايع ٿيڻ جهڙا نقصان شامل آهن، انهن ادارن وٽ قانوني تحفظ يا رقم جي واپسي جو ڪو به رستو موجود ناهي هوندو. اهڙو ئي هڪ غير مجاز پليٽ فارم جن ۾ Qxbroker ۽ Quotex شامل آهن جيڪي هن وقت پاڪستاني سيڙپڪارن کي هدف بڻائي رهيا آهن جن تائين ويب سائيٽ https://ubroker.com/en ۽ گوگل پلي اسٽور تي دستياب موبائيل اپليڪيشن ذريعي رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ايس اي سي پي واضح ڪيو آهي ته Quotex کي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ناهي ۽ ڪيترين ئي عالمي ريگوليٽرز طرفان به ان جي غير قانوني سرگرمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هي معاملو فوري ڪارروائي لاءِ وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي)، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ۽ گوگل ڏانهن موڪليو ويو آهي ته جيئن ان پليٽ فارم تائين پاڪستان ۾ رسائي کي بلاڪ ڪري سگهجي. ايس اي سي پي عوام تي زور ڀريو آهي آهي ته Quotex يا ان جهڙن غير رجسٽرڊ پليٽ فارمز تي اڪائونٽ نه کولين، رقم جمع نه ڪرائين ۽ نه ئي پنهنجي ڪا ذاتي يا مالي معلومات شيئر ڪن. ايس اي سي پي چيو ته سيڙپڪارن کي خاص طور ان وقت انتهائي احتياط ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي جڏهن انهن کان بنا ڪجهه طلب ڪرڻ جي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي ويندي آهي، خاص طور تي اهڙي آڇ جيڪا سوشل ميڊيا، واٽس ايپ گروپس يا سوشل ميڊيا انفلوڪنسرز ذريعي ڪئي ويندي هجي. ڪنهن به سيڙپڪاري پليٽ فارم سان لاڳاپجڻ کان اڳ لاڳاپيل اداري جي ريگوليٽري حيثيت جي تصديق ايس اي سي پي جي آفيشل ويب سائيٽ www.secp.gov.pk تي ڪرڻ ضروري آهي جتي منظور ٿيل بروڪرز ۽ لائسنس يافته سيڙپڪاري صلاحڪارن جون مڪمل فهرستون دستياب آهن.