اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي حوالي سان تعاون جي معاهدي سان ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ترڪيه جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير الپرسلان بائير قطار جي قيادت ۾ 9 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي صدين تي ٻڌل ڀائراڻي لاڳاپن تي فخر آهي، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي تازي دوري سان ٻنهي ملڪن جي اقتصادي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. وزيراعظم ترڪيه جي توانائي واري وزير ۽ اعليٰ سطحي وفد جا پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ سمٽ ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن کي نئين سگهه ڏيڻ جا وڏا موقعا موجود آهن، ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي حوالي سان تعاون جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي. ملاقات ۾ توانائي جي شعبي خاص طور تي قابل تجديد توانائي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ترڪيه جي وفد پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ جاري سڌارن کي ساراهيو. ترڪيه جي توانائي واري وزير چيو ته توانائي خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ نجڪاري جي سلسلي ۾ ترڪيه پنهنجو ڪامياب تجربو پاڪستان سان شيئر ڪندو، توانائي جي شعبي ۾ جاري سڌارا ان شعبي کي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائيندا. ترڪ وزير پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي خاص طور تي نادر معدنيات جي ڳولا ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ سمٽ ۾ شرڪت سان پاڪستان ۾ ان شعبي جي وسيع صلاحيت جو صحيح اندازو ٿيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، بجلي وارو وفاقي وزير اويس لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار موجود هئا.