اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ باني ميمبر تاج حيدر جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف تاج حيدر جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته تاج حيدر جي لاڏاڻي سان پاڪستان پيپلزپارٽي اهم سياسي اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.