اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ 10 اپريل تي پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٻئي دور ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪرڻ جي لاءِ اردن جي گادي واري شهر عمان جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشاورت دوران گڏيل دلچسپي ۽ ڳڻتي جي مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن بشمول والاريل فلسطيني علائقن جي موجوده صورتحال، ڏکڻ ايشيا ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ پاڪستان اردن لاڳاپن جي مختلف شعبن ۾ تعاون جي صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي سيڪريٽري جو دورو اردن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ مشاورت سان گڏيل افهام تفهيم ۾ اضافو ۽ مختلف ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي رابطاڪاري ۾ اضافو ٿيندو.