اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي اقليتي معاملن بابت خاص نمائندي پروفيسر نڪولا ليورا گذريل ڏينهن قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان انساني حقن واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ترجمان موجب ملاقات ۾ پاڪستان طرفان اقليتن جي حقن جي تحفظ، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ محروم طبقن لاءِ قانوني ۽ اداره جاتي خدشن کي مضبوط بنائڻ بابت جاري قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير، گڏيل قومن جي انساني حقن بابت طريقيڪار ۾ پاڪستان جي فعال شموليت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته يو اين اسپيشل پروسيجر عالمي انساني حقن جي ڍانچي جو هڪ اهم ٿنڀ آهن. هن او ايڇ سي آر، يو اين ٽريٽي باڊيز ۽ اسپيشل پروسيجر مينڊيٽ هولڊرز سان پاڪستان جي تعميري تعاون کي به اجاگر ڪيو. خاص نمائندي اقليتن جي حقن ۽ ڊگهي انساني حقن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي اڳڀرائيءَ کي ساراهيو ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي طريقيڪار سان پاڪستان جي مسلسل وابستگي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. وفاقي وزير قومي سطح تي مذهبي شموليت ۽ بين المذاهب هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قدمن تي روشني وِڌي، جن ۾ تحفظ فراهم ڪندڙ قانونسازي، قومي ڏينهن جو گڏيل طور تي ملهائڻ ۽ برابري وارين سماجي پاليسين جي جوڙجڪ شامل آهن. هن جڙانوالا واقعي جو حوالو ڏيندي رياست جي وقت سر ڪارروائي ۽ متاثر برادرين سان يڪجهتيءَ جي اظهار ۽ انصاف جي فراهميءَ جي عزم کي واضح ڪيو. هن اقليتن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ سندن مسئلن جي اثرائتي ازالي لاءِ نيشنل ڪميشن فار مينارٽيز جي ڪردار کي هڪ اثرائتي اداره جاتي فورم طور تي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اقليتن جي حقن جي تحفظ کي ترجيح ڏئي ٿو ۽ جامع، حقن تي ٻَڌل حڪمرانيءَ جي طرز ذريعي پاڪستان جي هيومن رائٽس انڊيڪس ۾ بهتريءَ لاءِ پُرعزم آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي آئين ۾ برابري ۽ عدم امتياز جي ضمانتن جي بنياد تي عالمي انساني حقن جي ايجنڊا سان پاڪستان جي وابستگيءَ جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن طرفان اقليتن جي حقن جي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعميري بحث ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.