اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سفير ڊاڪٽر اسد ايم خان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپاري رابطا وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير اي سي او جي خطي ۾ اقتصادي هم آهنگيءَ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان طرفان تنظيم جي پليٽ فارم تي گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڊاڪٽر اسد ايم خان پاڪستان جي اي سي او ۾ فعال ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ تنظيم جي جاري منصوبن ۽ ايندڙ لائحه عمل بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين طرفان خطي جي پائيدار ترقيءَ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو ويو.