اسلام آباد-08 اپريل (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان ترڪيه جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير آلمپار سلان بيئريڪٽر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان پاران جاري پڌرائيءَ مطابق ترڪيه جي وزير ترڪيه ۾ بجلي جي ورڇيندڙ نظام جي نجڪاريءَ جي عمل ۽ ان جي موجوده ڍانچي بابت آگاهه ڪيو. هن ترڪ ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاريءَ جي عمل ۾ دلچسپي ۽ ترڪيه ۾ هلندڙ سال روڊ شو ڪرڻ بابت پڻ آگاهه ڪيو. وفاقي وزير ترڪيه جي وزير جو ترڪيه جي نجڪاري جي عمل ۽ ان جي فني نُقطن بابت تفصيلي بريفنگ تي شڪريو ادا ڪيو. هن وفد کي پاڪستان ۾ جاري نجڪاريءَ جي عمل بابت آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته نجڪاريءَ جي عمل کي شفاف طريقي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ فنانشل ايڊوائيزر جي مقرري ڪئي وئي آهي، جنهن طرفان هلندڙ سال جولاءِ تائين جامع تجويزون اچڻ جا امڪان آهن. ان سلسلي ۾ ڪيترائي روڊ شوز به پلان ڪيا ويندا جنهن ۾ ترڪيه به شامل آهي. وفاقي وزير ترڪيه سان توانائيءَ جي شعبي ۾ نَون منصوبن سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو، جڏهن ته ترڪيه جي وزير پاڪستان جي توانائيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ فني مهارت ۽ سيڙپڪاري فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي.