روم – 8 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي خوراڪ بابت اداري (ڊبليو ايف پي) چيو آهي ته آمريڪا 14 ملڪن لاءِ هنگامي خوراڪ جي امداد بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سان بک کي منهن ڏيندڙ لکين ماڻهن جي زندگين کي خطرو درپيش آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ورلڊ فوڊ پروگرام جنهن کي هلندڙ سال اڳ ئي فنڊن ۾ 40 سيڪڙو جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوندو جو چوڻ آهي ته آمريڪي امداد جي ڪٽوتي لکين ماڻهن لاءِ موت جي سزا ٿي سگي ٿي جيڪي شديد بک کي منهن ڏئي رهيا آهن. ورلڊ فوڊ پروگرام گڏيل قومن جو اهو واحد ادارو ناهي جيڪو آمريڪي فنڊن ۾ ڪٽوتين سبب متاثر ٿيو آهي ڇو ته ڊونلڊ ٽرمپ جو صدر بڻجڻ بعد آمريڪا ٻين ملڪن جي امداد بند ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي.گڏيل قومن جي هڪ اداري ٻڌايو آهي ته ٽرمپ انتظاميه طرفان اطلاع ڪيو ويو آهي ته 2 پروگرام بند ڪيا پيا وڃن. جنهن ۾ پاپوليشن فنڊ شامل آهي جيڪو جنسي ۽ تازو ڄاول ٻارن جي صحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو آهي، ان مان هڪ پروگرام افغانستان جڏهن ته ٻيو شام لاءِ ڪم ڪندو هو . آمريڪا کان علاوه به ٻين ملڪن تازن مهينن دوران فنڊن ۾ گهٽتائي جا اعلان ڪيا آهن. جنهن بعد اين جي اوز ۽ عالمي تنظيمن ۾ ڳڻتي واري لهر آهي .آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه آمريڪا جي سڀ کان وڏي انساني امداد جي اداري يوايس ايڊ کي به وڏي پيماني تي متاثر ڪيو آهي ۽ پهريان ان جي سالياني بجٽ 42 ارب 80 ڪروڙ ڊالر هئي جيڪا عالمي سطح تي امدادي رقم جو 42 سيڪڙو بڻجندو هو.