ڪراچي-08 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان گڏيل عرب امارتن جي سفير حماد عبيد الزهبي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل عرب امارتن جي سفير ٻڌايو ته ويزا جا سمورا مسئلا حل ٿي ويا، پاڪستاني 5 سالن جي ويزا وٺي سگهن ٿا. ان موقعي تي گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيط عتيق الروميٿي به موجود هو. گورنر سڄي صوبي خاص ڪري ڪراچي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي گڏيل عرب امارتن جي سفير حماد عبيد الزهبي جا ٿورا مڃيا. يو اي اِي جي سفير، سنڌ جي گورنر کي ڪراچي ۾ قائم ويزا سينٽر اچڻ جي دعوت به ڏني. يو اي اِي جي سفير گورنر هائوس ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو ۽ جهنڊو پڻ ڦڙڪايو ۽ آخر ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به درج ڪيا.