طائف-07 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي شهر طائف ۾ ڪلاسڪ ڪارن جي ميلي کي ڏسڻ لاءِ علائقي جي ماڻهن کان علاوه سياحن جو وڏو انگ پهچي رهيوآهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ڪلاسڪ ڪارن جي ميلي کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جو وڏو انگ نمائش جو رخ ڪري رهيو آهي. نمائش ۾ موجود هڪ شهري جو چوڻ هو ته اهي ڪلاسڪ ڪارون ماضي ۾ کڻي وڃن ٿيون جڏهن ته اهي خوبصورت ۽ شاندار گاڏيون ان دور جي ماڻهن جي استعمال ۾ هونديون هيون. هڪ ٻئي شخص چيو ته ڪلاسڪ ڪارون بهترين حالت ۾ آهن ۽ لڳي ٿو ته انهن کي تمام گهڻو سنڀالي رکيو ويو آهي . طائف ڪارميلي ۾ ماضي جون سمورين ننڍين ۽ وڏين گاڏين کان سواءِ وڏيون ٽرڪون به موجودهيون.