نئين دهلي – 07 اپريل (اي پي پي ) ڪرڪيٽ انڊيا بابت بورڊ آف ڪنٽرول (بي سي سي آئي ) جي اهتمام هيٺ انڊين پريمئير ليگ (آئي پي ايل ) جو 18 هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . انڊين پريميئر ليگ ۾ 8 اپريل اڱاري تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو . پهرين ميچ ۾ دفاعي چيمپئين ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز ۽ لکن سپر جائينٽس جون ٽيمون ايڊن گارڊنز ، ڪولڪته ۾ آمهون سامهون ٿينديون . ٻي ميچ ۾ پنجاب ڪنگز ۽ چنائي سپر ڪنگز جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو ۽ اها ميچ مهاراجه دوندراسنگهه انٽر نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم چندي ڳڙهه ۾ کيڏي ويندي . پنجاب ڪنگز جي اڳواڻي شرياس آئير ڪري رهيو آهي جڏهن ته چنائي سپر ڪنگز کي توراج گائيڪواڙ ليڊ ڪندو.