اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وزارت حج 2025ع جي سلسلي ۾ فلائيٽ آپريشن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جنهن مطابق پهرين حج اڏام 29 اپريل تي ڀلي پار روانو ٿيندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته هلندڙ سال مجموعي طور تي سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيمن تحت هڪ لک 79 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني حج جا فرض ادا ڪندا. 90 هزار سرڪاري اسڪيم تحت جڏهن ته 90 هزار خانگي اسڪيم تحت حج جو فرض ادا ڪندا. ترجمان جو چوڻ آهي، ته حج تربيت جو پهريون مرحلو رمضان کان اڳ مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻي مرحلي جي شروعات (اڄ) 8 اپريل کان سڄي ملڪ ۾ ٿي وئي جيڪا آخري حج اڏام تائين جاري رهندي. ترجمان 29 اپريل کان 5 مئي تائين جي اڏامن وارن پانڌيئڙن تي زور ڀريو آهي، ته هو سعودي ويزه حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي بائيوميٽرڪ ويجهي سعودي پاسپورٽ آفيسن ۾ پنهنجي اصل پاسپورٽ سان گڏ وڃي بائيوميٽرڪ ڪرائي سگهن ٿا.