اسلام آباد -07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته صحتمند معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ معياري خوراڪ جي فراهمي اڻٽر آهي، پارليامينٽ صحت جي شعبي ۾ قانونسازي لاءِ پرعزم آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته صحت الله پاڪ طرفان هڪ عظيم نعمت آهي، صحتمند معاشرو ئي اسريل ۽ خوشحال قوم جي ضمانت آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته صحت جو عالمي ڏينهن عوام ۾ جاڳرتا ۽ آگاهي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. معياري طبي سهولتن جي فراهمي هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي. صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ ۽ بيمارين کان بچڻ ضروري آهي. صحتمند رهڻ لاءِ معياري خوراڪ جو استعمال ضروري آهي. صحتمند معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ معياري خوراڪ جي فراهمي اڻٽر آهي. هن چيو ته معياري خوراڪ جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. عالمي وبائن ۽ موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي. صحت جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته صحت جو عالمي ڏينهن صحتمند زندگي کي هٿي ڏيڻ جو ڏينهن آهي. پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ صحت جون سهولتون پهچائڻ ضروري آهن. پارليامينٽ صحت جي شعبي ۾ ڪاميابي لاءِ پرعزم آهي. صحتمند قوم ئي مضبوط قوم بڻجي سگهي ٿي. عوام صحت بابت احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، حڪومتي ادارا ۽ سول سوسائٽي صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪن.عوام کي صحتمند سرگرمين ۾ اڳيان وڌي حصو وٺڻ گهرجي، صحت جي حفاظت جي اصولن تي عمل ڪري بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.