راولپنڊي -07 اپريل (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي ڊيره اسماعيل خان ۾ ٿيل آپريشن دوران انتهائي گهربل دهشتگرد شيرين سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي(آءِ ايس پي آر) موجب 6 ۽ 7 اپريل 2025ع جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڊيره اسماعيل خان ضلع جي علائقي ٽڪواڙه ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي. جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٺڪاڻي کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 9 خوارجي جن ۾ انتهائي گهربل ۽ خوارجي نيٽ ورڪ جو سربراهه شيرين به شامل هو کين جهنم ڀيڙو ڪو ويو. مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو. خوارجي اڳواڻ شيرين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ گهربل هو. هو بي گناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هجڻ سان گڏوگڏ 20 مارچ 2025ع تي شهيد ڪيپٽن حسنين اختر جي شهادت جو به ذميوار هو. ان ڪارروائي ۾ ڪڌي فعل جو بدلو ورتو ويو آهي ۽ مک ڏوهاري کي انجام تائين پهچايو ويو آهي. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن ڪنهن به لڪيل خوارجي کي انجام تائين پهچائي سگهجي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهن.