نيپيدو -07 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني معاملن واري سربراهه چيو آهي، ته ميانمار ۾ گذريل مهيني آيل شديد زلزلي سبب هڪ ڪروڙ 70 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطا آفيس جي سربراهه ٽام فليچر ميانمار جي ٻي وڏي شهر مندالي ۽ گادي واري شهر جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هڪ اندازي مطابق ميانمار جي زلزلي متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ 70 لک آهي. فليچر چيو ته ماڻهن کي فوري طور تي پناهه لاءِ خيمن جي ضرورت آهي. هن نشاندهي ڪئي ته هڪ گروپ اڳ ئي ملڪ اندر فوج ۽ جمهوريت نواز مخالف قوتن وچ ۾ ويڙهه کان بچڻ لاءِ مجبور ٿي بي گهر ٿي چڪو آهي اهي متاثرين شديد صدمي مان گذريا آهن ۽ جنهن جاءِ تي هنن پناهه ورتي آهي، اها جاءِ هاڻي زلزلي سبب تباهه ٿي چڪي آهي. هن زلزلي متاثرن لاءِ عالمي مدد جي اپيل ڪندي چيو ته اسان کي وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچڻ لاءِ وڏي پئماني تي مالي مدد جي کوٽ آهي.