اسلام آباد -06 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ترجمان چيو آهي، ته پاڪستان طرفان ميانمار ۾ زلزلي متاثرن لاءِ موڪليل ٻي امدادي کيپ لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي اين ڊي ايم اي 70 ٽن تي ٻڌل امدادي سامان جي وقت سر روانگي کي موثر طريقي سان يقيني بڻائڻو آهي. ينگون ايئرپورٽ تي 35 ٽن امدادي سامان جي ٻي کيپ ميانمار اختيارين حوالي ڪئي آهي. ميانمار ۾ پاڪستاني سفير يگون جي وزيراعليٰ کي امداد حوالي ڪئي. يگون جي وزيراعليٰ فوري امداد جي فراهمي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. اين ڊي ايم اي جي ترجمان چيو آهي، ته امدادي سامان ۾ تيار کاڌو، ڪمبل، ترپالون، خيما، دوائون ۽ پاڻي جا ماڊيولز شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ان ڏکئي وقت ۾ ميانمار جي زلزلي متاثرن سان گڏ بيٺل آهي.