لاهور – 6 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جڏهن ملڪ جُون واڳُون سنڀاليُون ته ڪيترا ئي چئلينج درپيش هُئا. ڏکئي وقت ۾ وزيراعظم سياست نه پر رياست جو نعرو بلند ڪيو. اسان رياستي مفادن کي ترجيح ڏيندي سياسي نقصانن کي نه ڏٺو. وزيراعظم بجلي سستي ڪرڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو آهي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ نعرن بدران عملي قدم کنيا پيا وڃن. ٽيم ورڪ جي ڪري ئي ڪاميابين جو سلسلو اڳتي وڌي رهيو آهي. اين اي 127 لاهور ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته آئُون پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ موجُود آهيان، عوام ئي اسان جي اصل طاقت آهي، عوام جي حمايت سان ئي اسان اڄ ڏکيا ۽ سٺا فيصلا ڪرڻ جي قابل ٿيا آهيون. مون اوھان سان واعدو ڪيو هو ته اوھان جي وچ ۾ ھوندس ۽ آئُون توھان جي وچ ۾ آھيان. هن چيو ته جڏهن اوهان جي نيت سُٺي هُجي ۽ توهان محنت ڪريو ٿا ته خدا به مدد ڪندو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته جڏهن وزيراعظم شهباز شريف هن ملڪ جي واڳ سنڀالي تڏهن حالتون سٺيون نه هيون ڪيترائي چئلينج درپيش هئا، ماڻهو چئي رهيا هئا ته ملڪ ڊيفالٽ ٿيندو، مهانگائي ۽ غربت وڌندي، حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، دشمن ان تاڙ ۾ هو ته هي ملڪ ڪڏهن ڪيئن ۽ ڊيفالٽ ٿئي، سياسي طور تي به ماڻهن ان موقعي تي پنهنجي رياست جي بدران پنهنجي سياسي مفادن کي ترجيح ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته آءِ ايم ايف پروگرام کي روڪڻ لاءِ خط لکيا ويا هئا، پر وزيراعظم شهباز شريف ڏکئي وقت ۾ سياست نه پر رياست جو نعرو بلند ڪيو. هي مُلڪ آهي ته اسان آهيُون، پاڪستان سان ئي اسان وجود ۽ عهدا آهن. قائد محمد نواز شريف جي قيادت ۾ وزيراعظم ملڪ جي خدمت جو ٻيڙو کنيو ته ملڪ جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ مشڪل حالتن ۾ همت ناهي هارڻي. وزيراعظم عوام جي حقن لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو. جڏهن ماڻهن نااميدي کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو هو، تڏهن به هو چوندو هو ته اميد آهي، سخت محنت ڪنداسين ۽ هن پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين. وزيراعظم بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو جيڪو واعدو ڪيو هو اهو هن پورو ڪيو آهي. بجلي ست رپيا 41 پئسا سستي ٿي وئي آهي. هي ڪو ننڍڙو ڪارنامو ناهي. ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ سخت محنت جي ڪري ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اهو سڀ ڪجهه ماڻهن جي درد کي سمجهڻ سان ٿيئي ٿو، ٺلها نعرا هڻڻ سان ناهي ٿيندو. بجلي به رپيا سستي ڪئي وئي آهي. صنعتي صارفين لاءِ في يونٽ 7 روپيا 69 پئسا بجلي سستي ڪئي وئي آهي جنهن سان معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو جيڪڏهن اسان جون صنعتون وڌنديون ته نوڪريون ملنديون. وياج جي شرح پڻ گهٽجي وئي آهي. اسان چونڊن ۾ واعدو ڪيو هو ته ناڻي واڌ کي هڪ انگ ۾ آڻينداسين، اهو 2024ع ۾ ئي هڪ انگ ۾ پهچي ويو ۽ اڄ اهو پنهنجي گهٽ ترين سطح تي آهي. اڄ ماڻهن تائين رليف پهچي چڪو آهي. هن چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ اسان جي سياست جو محور ۽ فرض آهي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ خُوشخبريُون اينديون. جڏهن اسان پنج سال پورا ڪرڻ کان پوءِ توهان وٽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ گهرڻ لاءِ اينداسين ته توهان پنهنجن گهرن مان پاڻ نڪري اهو چوندا ته توهان جي حڪومت جيڪو ڪري ڏيکاريو آهي، اسان توهان سان گڏ هلنداسين، هن چيو ته ملڪ کي عظيم بڻائڻ لاءِ اسان گڏجي اڳتي وڌندا رهنداسين.