اسلام آباد -06 اپريل (اي پي پي) ملڪ جي مشهور مورخ، لسانيات، لطيفيات ۽ تعليم جي ماهر، اديب، دانشور ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ عرف ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي ورسي گذريل ڏينهن ملهائي وئي.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ عالمي اسلامي يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر، سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ۽ قومي هجره ڪائونسل جي صلاحڪار ۽ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جو باني چيئرمين پڻ رهيو. ناليوارو اديب ڳوٺ جعفر خان لغاري ضلع سانگهڙ ۾ 16 ڊسمبر 1917ع تي پيدا ٿيو، هن 1924ع ۾ پليو خان لغاري جي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي، 1929ع ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ نوشهرو فيروز جي مدرسه هاءِ اسڪول ۾ داخل ورتي جڏهن ته بعد ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ تعليمي سلسلي کي جاري رکڻ لاءِ داخلا ورتي، جيڪو مالي ڏکيائين سبب جاري نه رهي سگهيو. جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جونا ڳڙهه بهاءُ الدين ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي جتي هن بي اي آنرز ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ هن ماهوار وظيفي تي پنهنجي تعليمي سلسلي کي برقرار رکيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1941ع کان 1945ع تائين علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي جو شاگرد رهيو. جتي هن ايل ايل بي جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ بعد ۾ ايم اي (عربي) فرسٽ ڪلاس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي. 1945ع ۾ برطانوي حڪومت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڊاڪٽريٽ لاءِ اسڪالرشپ ڏني. مرحوم آل انڊيا سطح تي مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 16 آگسٽ 1946ع تي ممبئي کان امريڪا روانو ٿيو جتي هو پي ايڇ ڊي جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ واپس ڏيهه آيو. نبي بخش خان بلوچ 1950ع ۾ پاڪستان جي سڌ سماءَ واري شعبي ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. 1951ع ۾ دمشق ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پريس اتاشي مقرر ٿيو. 1951ع ۾ ئي هن سنڌ يونيورسٽي جي تعليم واري شعبي ۾ پروفيسر طور خدمتن جي شروعات ڪئي. ڊسمبر 1973ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وائيس چانسلر جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ 1976ع تائين ان عهدي تي مقرر رهيو، جنهن کان پوءِ جنوري 1976ع ۾ ناليواري اديب کي تعليم واري وفاقي وزارت ۾ خاص آفيسر طور مقرر ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ هن وفاقي سيڪريٽري جي عهدي تي پڻ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري سميت ٻين مختلف ادارن ۾ اهم عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن هڪ ئي وقت ۾ 5 ٻولين، سنڌي، انگريزي، اردو، عربي ۽ فارسي ۾ علمي ۽ تحقيقي خدمتون سرانجام ڏنيون، جڏهن ته اٽڪل 150 ڪتاب لکيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي علمي خدمتن تي حڪومت طرفان ستاره امتياز ۽ صدارتي اعزاز حسنه ڪارڪردگي سان نوازيو ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 6 اپريل 2011ع ۾ حيدرآباد ۾ دل جي ڌڙڪن بند ٿيڻ سبب 93 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس ورسي جي موقعي تي علمي ۽ ادبي حلقن پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڀرپور انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.