اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ جمهوري قدرن جي فروغ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسيءَ تي خراج عقيدت پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ۾ جمهوري قدرن جو علمبردار هو. پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ جمهوري قدرن جي فروغ ۾ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان کي 1973ع جو متفقه آئين مليو. ذوالفقار علي ڀٽو مسلمان امت جي اتحاد جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.