اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ ئي ڏينهن ۾ 1800 پوائنٽس وڌڻ ۽ 120000 جي نئين بلندين ترين سطح عبور ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو مثبت رخ حڪومت جي معاشي پاليسين تي واپارين ۽ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جو عڪاس آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته بجلي جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن سان نه رڳو گهريلو صارفين کي ريليف ملندو پر اهو ڪاوباري برادري ۽ صنعتن جي لاءِ پڻ خوش آئنده آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران معاشي انگن اکرن ۽ ڪاروباري ماحول ۾ بهتري حڪومت جي معاشي پاليسين جي ڪري ممڪن ٿي آهي، حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ مثبت ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.