اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر آصف علي زرداري کي ٽيليفون ڪئي ۽ سندس صحت معلوم ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم صدر آصف علي زرداري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم صدر آصف علي زرداري جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ توهان کي جلد کان جلد صحتيابي ڪري، پوري قوم توهان جي صحت لاءِ دعاڳو آهي.