اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دوست ملڪن سان سيڙپڪاري جي منصوبي جي تجويزن تي چوٿين بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي معاملن، پيٽروليم، آءِ ٽي ۽ اقتصادي معاملن وارن وفاقي سيڪريٽريز، اين ايڇ اي چيئرمين، ناڻي، پيٽروليم ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اسپيشل سيڪريٽري، پرڏيهي وزارت، مواصلات ۽ ٻين ادارن جي سينيئر عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪميٽي انفراسٽرڪچر، پيٽروليم، واپار ۽ آءِ ٽي ۾ امڪاني سيڙپڪاري بابت بريفز جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم هدايت ڪئي ته چونڊ تجويزن کي حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ دوست ملڪن سان اقتصادي، واپاري ۽ سيرپڪاري جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ترجيحن جو ورجاءُ ڪيو. هن اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌائڻ ۽ ڪراس سيڪٽر تعاون کي فروغ ڏيڻ تي حڪومت جي ڌيان ڏيڻ جو پڻ ورجاءُ ڪيو.