اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هلندڙ مهيني ٿيندڙ اوورسيز پاڪستانيز ڪانفرنس جي لاءِ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ خدمتن ۽ مدد جي طريقيڪار کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ اهم ڌرين سان مصروفيت کي هموار ڪرڻ ۽ قومي ترقي ۾ انهن جي تعاون کي آسان بڻائڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.